ايران سان تازي جنگ دوران ميزائلن جي وڏي استعمال کانپوءِ آمريڪا کي مستقبل ۾ هٿيارن جي کوٽ جو خدشو پيدا ٿي ويو آهي.
آمريڪي ميڊيا جي رپورٽن موجب پينٽاگون جي جائزي کان واقف ماهرن ۽ ذريعن جو چوڻ آهي ته آمريڪي فوج جنگ دوران پنهنجي ميزائل ذخيرن جو وڏو حصو استعمال ڪيو آهي. ان صورتحال ۾ جيڪڏهن ايندڙ ڪجهه سالن ۾ ڪا نئين جنگ لڳي ته آمريڪا کي ميزائلن جي کوٽ کي منهن ڏيڻو پئجي سگهي ٿو.
هڪ تازي تجزيي موجب، آمريڪي فوج تقريبن 7 هفتن جي جنگ دوران گهٽ ۾ گهٽ 45 سيڪڙو ميزائل ذخيري کي استعمال ڪيو.
ان کان علاوه بيلسٽڪ ميزائلن کي مداخلت ڪرڻ لاءِ استعمال ٿيندڙ گهٽ ۾ گهٽ THAAD ميزائلن جو اڌ استعمال ڪيو ويو آهي، جڏهن ته اٽڪل 50 سيڪڙو انٽرسيپٽر ميزائل پڻ خرچ ڪيا ويا آهن.
رپورٽ موجب پينٽاگون هن سال جي شروعات ۾ ميزائلن جي پيداوار وڌائڻ لاءِ مختلف معاهدن تي صحيحون ڪيون پر انهن هٿيارن جي پيداوار ۽ ترسيل ۾ 3 کان 5 سال لڳي سگهن ٿا.
ماهرن جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن موجوده جنگبندي برقرار نه رهي ته آمريڪا وٽ فوري طور تي ايران خلاف ڪارروايون جاري رکڻ لاءِ ڪافي هٿيار ٿي سگهن ٿا پر ڊگهي مدي ۾ ان جا ذخيرا ختم ٿي سگهن ٿا. موجوده ذخيرا ڪافي ثابت ٿي سگھن ٿا، خاص طور تي چين جھڙوڪ وڏي حریف سان مقابلو ڪرڻ لاءِ.
تجزيه نگارن موجب آمريڪي هٿيارن جي ذخيرن کي جنگ کان اڳ واري سطح تي واپس اچڻ ۾ ڪيترائي سال لڳي سگهن ٿا، جنهن سان طاقت جو عالمي توازن به متاثر ٿي سگهي ٿو.


