پي ايس ايل: علي رضا جي هيٽ ٽرڪ، ڪراچي ڪنگز جو پشاور زلمي کي شڪست لاءِ 183 رنسن جو هدف

sindhvoice70@gmail.com
1 Min Read


پاڪستان سپر ليگ (پي ايس ايل) 11 ۾ پشاور زلمي ڪراچي ڪنگز کي 7 وڪيٽن تان شڪست ڏئي ڇڏي.

لاهور جي قذافي اسٽيڊيم ۾ کيڏيل ايونٽ جي 32هين ميچ ۾ پشاور زلمي 183 رنسن جو هدف 19 هين اوور ۾ 3 وڪيٽن جي نقصان تي حاصل ڪري ورتو.

زلمي طرفان ڪوشل مينڊس 80 ۽ فرحان يوسف 58 رنسون ٺاهيون. ڪپتان بابر اعظم 25، جيمز ونس 16 ۽ آرون هارڊي 5 رنسن جي انفرادي اسڪور تي آئوٽ ٿيا.

ڪراچي ڪنگز طرفان خوشدل شاهه، عباس آفريدي ۽ حسن علي هڪ هڪ وڪيٽ ورتي.

ان کان اڳ ڪراچي ڪنگز ٽاس کٽي پهريان بيٽنگ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو.

جيسن راءِ (85) ۽ اعظم خان (35) جي جارحاڻي اننگز جي بدولت ڪراچي ڪنگز مقرره 20 اوورن ۾ 9 وڪيٽن جي نقصان تي 182 رنسون ٺاهيون.

رضا هينڊرڪس 13، سلمان آغا ۽ خوشدل شاهه 12، 12، ڪپتان ڊيوڊ وارنر 11، عباس آفريدي 6 جڏهن ته شاهد عزيز ۽ حسن علي بنا ڪنهن رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيا.

پشاور زلمي طرفان علي رضا 4 جڏهن ته سفيان مقيم، افتخار احمد ۽ ارون هارڊي هڪ هڪ وڪيٽ ورتي.





Source link

Share This Article
Leave a Comment