ايران-آمريڪا ڳالهين ۾ تبديل ٿيندڙ صورتحال سبب فضائي آپريشن هڪ ڀيرو ٻيهر متاثر ٿي ويو

sindhvoice70@gmail.com
1 Min Read


پاڪستان جي هوائي اڏن تان نار ملڪن جون 45 اڏامون منسوخ ڪيون ويون.

ايئرپورٽ ذريعن موجب ايران-آمريڪا ڳالهين ۾ تبديل ٿيندڙ صورتحال هڪ ڀيرو ٻيهر هوائي آپريشن متاثر ڪري ڇڏيو آهي.

لاهور ايئرپورٽ تان دبئي، ابوظهبي، شارجه، بحرين، ڪويت ۽ فجيره جون 9 اڏامون منسوخ ڪيون ويون آهن. اسلام آباد ايئرپورٽ تان 12، ڪراچي کان 18 ۽ پشاور کان 6 اڏامون منسوخ ڪيون ويون.

ذريعن جو چوڻ آهي ته گڏيل عرب امارتن ڏانهن ويندڙ مسافرن جي انگ ۾ اوچتو گهٽتائي ٿي آهي، مسافرن جو گهربل انگ نه ملڻ تي اڏامون منسوخ ڪيون پيون وڃن.





Source link

Share This Article
Leave a Comment