پي ايس ايل: راولپنڊي کي ايونٽ ۾ پهرين فتح لاءِ 138 رنسن جو هدف گهربل آهي

sindhvoice70@gmail.com
1 Min Read


پاڪستان سپر ليگ (پي ايس ايل) جي 34هين ميچ ۾ راولپنڊي شڪست جو سلسلو ٽوڙي ڇڏيو ۽ پهرين ميچ ۾ اسلام آباد يونائيٽيڊ کي شڪست ڏئي ڪاميابي حاصل ڪري ورتي.

ڪراچي جي نيشنل اسٽيڊيم ۾ کيڏيل ميچ ۾ راولپنڊي ٽاس کٽي اسلام آباد يونائيٽيڊ کي پهريان بيٽنگ جي دعوت ڏني.

اسلام آباد يونائيٽيڊ جي ٽيم مقرر 20 اوورن ۾ 137 رنسون ٺاهي آل آئوٽ ٿي وئي. ڊيون ڪنوي 40، ڪرس گرين 29 ۽ مارڪ چيمپيئن 23 رنسون ٺاهيون.

راولپنڊيز طرفان محمد عامر، ڊين فاريسٽر ۽ سعد مسعود 2، 2 جڏهن ته آصف آفريدي، نسيم شاهه ۽ ڊيرل مچل هڪ هڪ وڪيٽ ورتي.

راولپنڊي 138 رنسن جو هدف 18.1 اوورن ۾ 4 وڪيٽن جي نقصان تي حاصل ڪري 6 وڪيٽن تان ڪاميابي حاصل ڪري ورتي.

راولپنڊي طرفان ڪپتان محمد رضوان 45 رنسون ٺاهي نمايان رهيو، ڊيرل مچل 32 ۽ ڊيان فارسٽر 13 رنسون اسڪور ڪيون.

واضح رهي ته تازو ئي پي ايس ايل ۾ شامل ٿيندڙ راولپنڊي جي ٽيم هن وقت تائين هڪ به فتح نه ماڻي آهي، جڏهن ته اسلام آباد يونائيٽيڊ جي ٽيم 9 پوائنٽن سان ٽئين نمبر تي آهي.





Source link

Share This Article
Leave a Comment