پتوڪي: ڇوڪري شادي کان انڪار ڪرڻ تي نوجوان کي پيشاني تي گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو

sindhvoice70@gmail.com
1 Min Read



پتوڪي ۾ ڇوڪري شادي ڪرڻ کان انڪار ڪرڻ تي 22 ورهين جي نوجوان کي پيشاني تي گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو. ريسڪيو عملدارن موجب زخمي نوجوان کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ تعلقي هيڊڪوارٽر اسپتال پتوڪي مان لاهور ريفر ڪيو ويو آهي. فائرنگ جي نتيجي ۾ زخمي ٿيل نوجوان جي سڃاڻپ 22 ورهين جي فاروق طور ٿي آهي. ريسڪيو ذريعن جو چوڻ آهي ته واقعي کانپوءِ ڇوڪري موقعي تان فرار ٿي وئي، جڏهن ته شروعاتي اطلاعن موجب ڇوڪري فوت ٿيل نوجوان جي ويجهي مائٽ آهي. نوجوان جي ماءُ جو چوڻ آهي ته ڇوڪري جو ويجهو مائٽ آهي جيڪو سندس پٽ تي شادي لاءِ دٻاءُ وجهي رهيو هو. پوليس واقعي جي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي ۽ جوابدارن جي ڳولا جاري آهي.



Source link

Share This Article
Leave a Comment