پاور ڊويزن جي ترجمان ملڪ ۾ بجلي جي موجوده صورتحال جي حوالي سان ٻڌايو آهي ته صوبن طرفان طلب ۾ واڌ سبب گذريل رات دير سان ڊيمن مان پاڻي ڇڏڻ سان 4950 ميگاواٽ بجلي پيدا ڪئي وئي.
بيان موجب جيتوڻيڪ هائيڊرو پاور جي ڪل گنجائش 11500 ميگاواٽ آهي پر موجوده پيداوار پنهنجي پوري صلاحيت کان 6000 ميگاواٽ کان گهٽ آهي، جنهن جو وڏو سبب صوبن کان پاڻي جي گهرج گهٽ هجڻ آهي.
ترجمان موجب ملڪ جي ڏاکڻي حصي کان مرڪزي علائقن تائين 400 ميگا واٽ بجلي جي منتقلي گرڊ جي استحڪام سبب ممڪن ٿي.
بجلي جي ڊسٽري بيوشن ڪمپنين گذريل رات 2 کان اڍائي ڪلاڪن تائين لوڊ مينيجمينٽ ڪيو، جنهن دوران بجلي جي طلب ۾ واڌ کي نظر ۾ رکيو ويو.
وڌيڪ ٻڌايو ويو ته اعليٰ نقصان وارن فيڊرز تي پاليسي تحت اقتصادي لوڊ مئنيجمينٽ جاري رهندي، جيڪو پيڪ ٽائيم لوڊ مئنيجمينٽ کان الڳ نظام آهي.
بيان ۾ اهو به چيو ويو آهي ته ايل اين جي جي عدم دستيابي سبب 5500 ميگاواٽ جا پاور پلانٽ بجلي پيدا نه ڪري رهيا آهن جڏهن ته ان جي دستيابي سان بجلي جي لوڊشيڊنگ ۾ وڏي گهٽتائي اچي سگهي ٿي.
ترجمان شهرين تي زور ڏنو ته هو بجلي جي استعمال ۾ احتياط ڪن، خاص ڪري رات جي وقت ۾ بجلي جي وڌندڙ گهرج کي بهتر انداز ۾ پورو ڪيو وڃي، ڇاڪاڻ ته عالمي صورتحال ۽ پاڻي جي گهٽ طلب انهن ڪلاڪن دوران شارٽ فال جو سبب بڻجندي آهي.


