حافظ نعيم الرحمان پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ معمولي گهٽتائي تي وفاقي حڪومت تي سخت تنقيد ڪندي چيو ته هو ايندڙ 48 ڪلاڪن ۾ ملڪ گير احتجاج جو اعلان ڪندو. سوشل ميڊيا ويب سائيٽ ايڪس تي پنهنجي ردعمل ۾ حافظ نعيم الرحمان چيو ته پاڪستان ۾ تيل جون قيمتون عالمي مارڪيٽ ۾ جنگ کان اڳ جي قيمتن موجب مقرر ٿيڻ گهرجن، جڏهن ته حڪومت جو رڳو هڪ رپيو 97 پئسا في ليٽر گهٽتائي جو اعلان افسوسناڪ آهي. هن چيو ته اهو فيصلو نه رڳو شرمناڪ پر عوام دشمن آهي ۽ حڪومت پيٽرول ۽ ڊيزل جي قيمتن ۾ خاطر خواه گهٽتائي نه ڪري عوام کي ڦري رهي آهي. امير جماعت اسلامي چيو ته موجوده صورتحال حڪمرانن جي نااهلي ۽ عياشيءَ جو نتيجو آهي. هن چيو ته فيڊرل بورڊ آف روينيو (ايف بي آر) ڪرپشن جو مرڪز بڻجي ويو آهي، جڏهن ته ليوي جي نالي تي غريب ۽ وچولي طبقي کان زبردستي ٽيڪس وصول ڪيو پيو وڃي. حافظ نعيم الرحمان چيو ته اهڙي صورتحال کي وڌيڪ برداشت نه ڪيو ويندو، عوام کي پنهنجا حق گهرڻ لاءِ روڊن تي نڪرڻو پوندو. هن اعلان ڪيو ته جماعت اسلامي ايندڙ 48 ڪلاڪن ۾ سڄي ملڪ ۾ احتجاج جو سڏ ڏيندي.
Source link

پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ گهٽتائي تي حافظ نعيم جو ردعمل، ملڪ گير احتجاج جو اعلان
Leave a Comment Leave a Comment

