موٽر وي پوليس 11 ٽرڪن تي لوڊشيڊنگ ڪري ڪروڙين رپين جا سگريٽ هٿ ڪري ورتا

sindhvoice70@gmail.com
1 Min Read


موٽر وي پوليس وڏي ڪارروائي ڪندي 22 ڪروڙ رپين جا نان ڪسٽم پيڊ سگريٽ اسمگل ڪرڻ جي ڪوشش ناڪام بڻائي ڇڏي.

موٽر وي پوليس جي ترجمان موجب چڪري ويجهو ڳجهي اطلاع تي ڪارروائي ڪئي وئي، جنهن دوران 11 ٽرڪن مان وڏي مقدار ۾ نان ڪسٽم پيڊ سگريٽ هٿ ڪيو ويو.

اختيارين جو چوڻ آهي ته اسمگل ٿيل سگريٽ پشاور کان لاهور آندو پيو وڃي. بروقت ڪارروائي ڪري 11 ٽرڪون تحويل ۾ ورتيون ويون ۽ 11 ڊرائيورن کي پڻ حراست ۾ ورتو ويو.

ترجمان موجب تلاشي دوران هٿ آيل سگريٽن جي ماليت 22 ڪروڙ رپيا ٻڌائي وئي آهي.

موٽر وي پوليس هٿ آيل سگريٽ، ٽرڪ ۽ جوابدارن کي وڌيڪ قانوني ڪارروائي لاءِ ڪسٽم اختيارين حوالي ڪري ڇڏيو آهي.





Source link

Share This Article
Leave a Comment