ججز بدلي: جڊيشل ڪميشن جو اجلاس نه گهرائڻ جا سبب سامهون اچي ويا

sindhvoice70@gmail.com
1 Min Read


اسلام آباد:

سنڌ هاءِ ڪورٽ جي ججن جي بدلي بابت جڊيشل ڪميشن جو اجلاس نه گهرائڻ جا سبب سامهون اچي ويا آهن.

ايڪسپريس نيوز موجب ذريعن جو چوڻ آهي ته اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي 5 ججن جي بدلي واري معاملي ۾ چيف جسٽس آف پاڪستان يحيٰ آفريدي جي جڊيشل ڪميشن جو اجلاس نه گهرائڻ جا سبب سامهون اچي ويا آهن.

ذريعن موجب چيف جسٽس آف پاڪستان جواب ڏيندي چيو آهي ته اسلام آباد هاءِ ڪورٽ مان ججن جي سنڌ هاءِ ڪورٽ منتقلي سان سنڌ صوبي کي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ نمائندگي نه ڏني ويندي.

چيف جسٽس آف پاڪستان پنهنجي جواب ۾ وڌيڪ چيو ته اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي اڌ کان وڌيڪ ججن جي بدلي سان هاءِ ڪورٽ ۾ ججن جون پوسٽون خالي ٿينديون ۽ غير يقيني صورتحال پيدا ٿيندي.

ذريعن موجب چيف جسٽس آف پاڪستان اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي ججن جي بدلي جا سبب به نه ٻڌايا آهن.





Source link

Share This Article
Leave a Comment