هندستان رڳو ”دوزخ“ ناهي پر ”نسل ڪشي سان ڀريل جهنم“ آهي، سک اڳواڻ

sindhvoice70@gmail.com
1 Min Read



خالصتان نواز تنظيم سکس فار جسٽس جي اڳواڻ گرپونت سنگهه پنو ڀارت ۽ وزيراعظم نريندر مودي جي حڪومت خلاف سخت بيان جاري ڪندي دعويٰ ڪئي آهي ته ڀارت ”صرف جهنم نه پر نسل ڪشي وارو جهنم“ آهي، جتي سک برادري ڏهاڪن کان ظلم ۽ ستم کي منهن ڏئي رهي آهي. پنو پنهنجي بيان ۾ چيو ته آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي طرفان ڀارت ڏانهن "سندس چوڻ هو ته ڀارت ۾ مختلف حڪومتن دوران سکن جي نسل ڪشي ڪئي وئي، جڏهن ته موجوده مودي حڪومت جي دور ۾ سکن کي ”معاشي تباهي“ ۽ ”نسلي صفائي“ جهڙن قدمن کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي. بيان ۾ چيو ويو آهي ته خالصتان نواز سک ”پنجاب کي ڀارتي قبضي کان آزاد ڪرائڻ“ لاءِ عالمي ريفرنڊم مهم هلائي رهيا آهن. پنو اهو پڻ دعوي ڪيو آهي ته آمريڪا ۾ ڪجهه هندو مخالف قومپرست حلقا مبينا طور تي آمريڪا جي خلاف مهم هلائي رهيا آهن، جنهن تي انهن آمريڪي حڪومت کان مطالبو ڪيو ته هندستاني-آمريڪي هندن لاء “آمريڪي وفاداري ٽيسٽ” متعارف ڪرايو.



Source link

Share This Article
Leave a Comment