راولپنڊي:
خيبرپختونخواه ضلعي ۾ سيڪيورٽي فورسز جي انٽيليجنس بيسڊ آپريشن ۾ فتنا الخوارج جا 22 دهشتگرد مارجي ويا.
پاڪ فوج جي عام لاڳاپن واري شعبي (آءِ ايس پي آر) موجب سيڪيورٽي فورسز ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن 21 اپريل 2026 تي خيبر ضلعي ۾ خوارج جي موجودگي جي اطلاع تي گڏيل انٽيليجنس بيسڊ آپريشن ڪيو.
آپريشن دوران فائرنگ جي ڏي وٺ ٿي، جنهن ۾ سڪيورٽي فورسز جي مهارتي ڪارروائي جي نتيجي ۾ ڀارتي حمايت يافته فتنا الخوارج سان تعلق رکندڙ 22 خوارج مارجي ويا.
آءِ ايس پي آر موجب خوارج گرفتاري کان ڊڄندي انڌاڌنڌ فائرنگ ڪئي، جنهن جي نتيجي ۾ 10 ورهين جو معصوم ٻارڙو شهيد ٿي ويو.
پاڪ فوج جي ترجمان پاران جاري ڪيل بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته مارجي ويل ڀارتي اسپانسر خوارج وٽان هٿيار ۽ بارود پڻ هٿ ڪيو ويو آهي. اهي دهشتگرد علائقي ۾ دهشتگردي جي ڪيترين ئي ڪاررواين ۾ ملوث هئا.
آءِ ايس پي آر موجب علائقي مان ٻين ممڪنه خوارج جي خاتمي لاءِ سرچ اينڊ ڪليئرنس آپريشن جاري آهي.
سڪيورٽي فورسز ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارا نيشنل ايڪشن پلان تحت منظور ٿيل استحڪام جي ويزن ۽ عزم تحت دهشتگردي جي مڪمل خاتمي لاءِ ڪارروايون جاري رکندا.


