اڻڄاتل ماڻهن گهر ۾ گهڙي فائرنگ ڪري ڏني. پيءُ، پٽ ۽ عورت مري ويا

sindhvoice70@gmail.com
1 Min Read


پشاور:

ديربالا ۾ اڻڄاتل ماڻهن گهر ۾ داخل ٿي فائرنگ ڪري ڏني، جنهن جي نتيجي ۾ پيءُ، پٽ ۽ عورت مارجي ويا.

پوليس موجب دير بالا جي علائقي اسبنار ۾ اڻڄاتل هٿياربندن اوچتو گهر ۾ داخل ٿي انڌاڌنڌ فائرنگ ڪئي، جنهن جي نتيجي ۾ 3 ڄڻا موقعي تي ئي مارجي ويا.

شروعاتي اطلاعن موجب پوليس فوتين ۾ پيءُ، پٽ ۽ عورت شامل ٿيڻ جي تصديق ڪئي آهي.

فائرنگ بعد جوابدار موقعي تان فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا. اطلاع ملندي ئي پوليس علائقي کي ڪڙو چاڙهي ثبوت گڏ ڪري ورتا.

واقعي جو ڪيس داخل ڪري جوابدارن جي ڳولا شروع ڪئي وئي آهي ۽ واقعي جي جاچ شروع ڪئي وئي آهي.





Source link

Share This Article
Leave a Comment