پاڪستان جي دوري تي آيل ايراني پرڏيهي وزير عباس عراقچي فيلڊ مارشل عاصم منير سان ملاقات ڪئي.
ايراني سفارتخاني طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته ايراني پرڏيهي وزير عباس عراقچي پنهنجي دوري دوران فيلڊ مارشل عاصم منير سان پنهنجي پهرين باضابطه ملاقات ڪئي.
شهباز شريف ۽ عباس عراقچي وچ ۾ اڄ اهم ملاقات وزيراعظم هائوس ۾ ٿيندي، جيڪا ڪجهه دير کانپوءِ متوقع آهي.
ذريعن موجب اجلاس ۾ اهم سياسي ۽ فوجي اڳواڻ به شرڪت ڪندا، جڏهن ته ايراني پرڏيهي وزير پنهنجي وفد سان گڏ شرڪت ڪندو.
ذريعن جو چوڻ آهي ته ملاقات ۾ ٻطرفن لاڳاپن، علائقائي صورتحال ۽ اهم سفارتي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ويندي. ملاقات کانپوءِ ايراني وفد مسقط ۽ ماسڪو روانو ٿيندو، جتي وڌيڪ سفارتي رابطا جاري رهندا.
رپورٽن مطابق آمريڪي اختيارين کي به پاڪستان سان ٿيل صلاح مشورن جي روشني ۾ آگاهه ڪيو ويندو، جڏهن ته آمريڪي وفد جي پاڪستان جي ممڪن دوري بابت فيصلو بعد ۾ ڪيو ويندو. ايراني اختيارين جو چوڻ آهي ته آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ ڳالهين جو وقت اڃا طئي ناهي ٿيو، پر مسقط ۽ ماسڪو جي دوري کانپوءِ مجموعي صورتحال واضح ٿيڻ جو امڪان آهي.


