پي ايس ايل فائنل لاءِ بهترين عملن لاءِ وزيراعظم جي هدايت

sindhvoice70@gmail.com
1 Min Read


وزيراعظم محمد شهباز شريف سان گهرو وزير سيد محسن رضا نقوي ملاقات ڪئي، جنهن ۾ پاڪستان سپر ليگ سيزن 11 جي انعقاد جي حوالي سان خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.

تفصيل موجب گهرو وزير محسن نقوي وزيراعظم هائوس ۾ شهباز شريف سان ملاقات ڪئي، جنهن ۾ گهرو وزير وزيراعظم کي ملڪ ۾ سڪيورٽي جي صورتحال ۽ امن امان بابت قدمن کان آگاهه ڪيو.

ملاقات ۾ گهرو وزير وزيراعظم کي پي ايس ايل فائنل ميچ جي سيڪيورٽي ۽ ٻين انتظامن بابت به آگاهه ڪيو.

وزيراعظم پي ايس ايل فائنل لاءِ رانديگرن، مداحن ۽ ٻين شهرين لاءِ بهترين انتظام ڪرڻ جي به هدايت ڪئي.

واضح رهي ته پاڪستان سپر ليگ جو فائنل سڀاڻي لاهور ۾ حيدرآباد ڪنگز ۽ پشاور زلمي وچ ۾ کيڏيو ويندو، جنهن ۾ تماشائن کي اسٽيڊيم ۾ اچڻ جي اجازت هوندي.





Source link

Share This Article
Leave a Comment