صدر آصف زرداري اڄ کان پهرين مئي تائين چين جو سرڪاري دورو ڪندو

sindhvoice70@gmail.com
1 Min Read


اسلام آباد:

صدر آصف علي زرداري چيني حڪومت جي دعوت تي اڄ کان پهرين مئي تائين چين جو دورو ڪندو.

هي اهم دورو ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ڊگهي عرصي کان هلندڙ اعليٰ سطحي مٽاسٽا جو تسلسل آهي.

صدر 25 کان 27 اپريل تائين هنان صوبي جي چانگشا ۽ 28 مئي کان پهرين مئي تائين هنان صوبي جي شهر سانيا ۾ رهندو، ان دوران هو اتي صوبائي قيادت سان اهم ملاقاتون ڪندو.

ملاقاتن ۾ پاڪ چين ٻطرفن لاڳاپن تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ويندي، جنهن ۾ اقتصادي ۽ واپاري تعاون تي خاص ڌيان ڏنو ويندو، ان سان گڏ پاڪ چين اقتصادي راهداري (سي پيڪ) منصوبن تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ويندي.

ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ سفارتي لاڳاپن جي قيام جي 75 هين سالگرهه جي حوالي سان هي دورو انتهائي اهميت جوڳو آهي. دورو ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ جامع اسٽريٽجڪ تعاون جي ڀائيواري کي مضبوط ڪرڻ جو عزم آهي.





Source link

Share This Article
Leave a Comment