مظفرآباد:
نام نهاد پابندي مڙهيل جوائنٽ پبلڪ ايڪشن ڪميٽي جي احتجاج ۽ رياستي ادارن سان ڇڪتاڻ واري معاملي ۾ نئين وڊيو منظر عام تي اچڻ کانپوءِ صورتحال نئون رخ اختيار ڪري ورتو آهي.
سڪيورٽي ذريعن موجب گرفتار دهشتگردن مان هڪ جي موبائيل فون مان وڊيو هٿ آئي آهي، جنهن ۾ هڪ شخص کي هٿيار هٿ ڪري قانون لاڳو ڪندڙ اهلڪارن تي فائرنگ ڪندي ڏٺو وڃي ٿو.
وڊيو ۾ موجود منظر انهن دعوائن جي ترديد ڪن ٿا ته احتجاج مڪمل طور پرامن هو.
اختيارين موجب فوٽيج ۾ هڪ شخص خودڪش هٿيارن سان اهلڪارن کي نشانو بڻائيندي واضح طور تي نظر اچي رهيو آهي، جنهن کانپوءِ سيڪيورٽي ادارن واقعي کي سنگين قرار ڏنو آهي.
هي فتنو دراصل نفرت، تشدد ۽ انتشار جي هن نفرت انگيز ايجنڊا تي هلي رهيو آهي، جنهن جو واحد حل ان جي مڪمل دٻائڻ آهي.
هي صرف هڪ واقعو نه آهي پر اهي هٿياربند گروهه پهرين ڏينهن کان اهڙيون پرتشدد ڪارروايون ڪري رهيا آهن ۽ اهڙا واقعا حڪومت جي انهن کي غيرقانوني قرار ڏيڻ جي فيصلي جي توثيق ڪن ٿا.


