پشاور: ارڙهين آئيني ترميم جمهوري تاريخ ۾ سنگ ميل آهي: امل ولي خان

sindhvoice70@gmail.com
2 Min Read


امل ولي خان چيو آهي ته 19 اپريل پاڪستان جي جمهوري تاريخ ۾ هڪ اهم سنگ ميل آهي، جيڪو نه رڳو آئيني ترميم پر ڊگهي جدوجهد، قربانين ۽ پختي عزم جي علامت آهي.

هن چيو ته ارڙهين آئيني ترميم ذريعي صوبن کي پنهنجا حق، اختيار ۽ خيبرپختونخواهه جي سڃاڻپ ملي آهي، جيڪا هڪ تاريخي ترقي آهي.

امل ولي خان اسفند يار ولي خان جي قيادت کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو ته ان ترميم کي ممڪن بڻائڻ ۾ سندس ويزن ۽ سياسي جدوجهد اهم ڪردار ادا ڪيو، جڏهن ته ان عمل ۾ شامل ٻين پارلياماني ميمبرن کي به سلام پيش ڪيان ٿو.

هن چيو ته اها ڪاميابي دراصل باچا خان ۽ خان عبدالولي خان جي فڪر ۽ فلسفي جي عملي ترجماني آهي، جن صوبائي خودمختياري، وسيلن تي عوام جي حق ۽ مضبوط وفاق لاءِ جدوجهد ڪئي.

هن چيو ته هن ترميم پاڪستان جي وفاقي ڍانچي کي مضبوط ڪيو ۽ صوبن کي وسيلن ۽ فيصلن تي بااختيار بڻائي ڊگهي عرصي کان محرومين جو ازالو ڪيو. هن وڌيڪ چيو ته فرنٽيئر صوبي جو نالو بدلائي خيبرپختونخواهه رکڻ به ان جدوجهد جو اهم سنگ ميل آهي.

ان موقعي تي امل ولي خان اي اين پي جي شهيدن ۽ ڪارڪنن جي قربانين کي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو ته پارٽي هميشه امن، جمهوريت ۽ آئين جي بالادستي تي سمجهوتو نه ڪيو آهي.

هن واضح ڪيو ته ارڙهين آئيني ترميم تي ڪنهن به قسم جو حملو وفاق تي حملو هوندو، عوامي نيشنل پارٽي ان جي دفاع لاءِ هر آئيني، جمهوري ۽ سياسي محاذ تي ڀرپور ڪردار ادا ڪندي.

آخر ۾ هن ان عزم کي ورجايو ته پارٽي اڪبرين جي مشن کي جاري رکندي هڪ مضبوط صوبو، وسيلن تي عوام جو حق ۽ هر شهري کي امن، تعليم ۽ ترقي جا برابر موقعا فراهم ڪرڻ واري پاڪستان لاءِ جدوجهد جاري رکندي.





Source link

Share This Article
Leave a Comment