وزيراعظم شهباز شريف پاڪستان سپر ليگ (پي ايس ايل) جي يارهين ايڊيشن جي فائنل لاءِ مداحن کي اسٽيڊيم اچڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي آهي.
ذريعن موجب پي ايس ايل جي فائنل ميچ جي ٽڪيٽن ۽ انتظامن جي حوالي سان اهم اجلاس ٿيو، جنهن ۾ سڪيورٽي ۽ لاجسٽڪ معاملن سميت تجويز ڪيل پلان تي تفصيلي مشاورت ڪئي وئي.
اجلاس ۾ ٽڪيٽن جي تجويز ڪيل قيمتن تي به غور ڪيو ويو. ريٽ معمول کان ٿورو وڌيڪ رکڻ جي تجويز تي پڻ بحث ڪيو ويو.
ذريعن جو چوڻ آهي ته ٽڪيٽن جي تجويز ڪيل قيمتن جي منظوري چيئرمين پي سي بي ڏيندو.
ذريعن موجب فائنل لاءِ ٽڪيٽن جو وڪرو سڀاڻي کان آن لائن شروع ٿيڻ جو امڪان آهي، جڏهن ته فزيڪل ٽڪيٽون به ڇپائي مڪمل ٿيڻ بعد دستياب ٿي وينديون.


