پاڪستان سپر ليگ (پي ايس ايل) 11 ۾ ڪراچي ڪنگز ڪوئيٽا گليڊي ايٽرز کي آساني سان 9 وڪيٽن تان شڪست ڏئي ڇڏي.
لاهور جي قذافي اسٽيڊيم ۾ کيڏيل ميچ ۾ ڪراچي ڪنگز ڪپتان ڊيوڊ وارنر ۽ رضا هينڊرڪس جي شاندار پارٽنرشپ جي بدولت 196 رنسن جو هدف 19 هين اوور ۾ رڳو 1 وڪيٽ جي نقصان تي حاصل ڪري ورتو.
ڪنگز طرفان ڪپتان ڊيوڊ وارنر 90 ۽ رضا هينڊرڪس 87 ناٽ آئوٽ رهيا. جيسن راءِ 20 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيو.
ڪوئيٽا گليڊي ايٽرز طرفان جهان داد خان هڪ وڪيٽ ورتي.
لاهور جي قذافي اسٽيڊيم ۾ کيڏيل اهم ميچ ۾ ڪراچي ڪنگز ٽاس کٽي ڪوئيٽا گليڊي ايٽرز کي پهريان بيٽنگ جي دعوت ڏني.
ڪوئيٽا گليڊيئيٽرز جا ٻه اوپنر شمل حسين ۽ خواجه نفي پهرين اوور ۾ ئي پنهنجو کاتو کولڻ کانسواءِ پويلين موٽي ويا.
تجربيڪار بيٽسمين رلي روسو (90) ۽ ڪپتان سعود شڪيل (57) 148 رنسن جي پارٽنرشپ قائم ڪري ٽيم کي مشڪل بڻائي ڇڏيو.
دنيش چنديمل به 30 رنسن جي جارحاڻي اننگز کيڏي ٽيم جو اسڪور 195 رنسن تائين پهچائڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪيو. جڏهن ته حسن نواز 3 ۽ جهانداد خان 3 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيا.
ڪراچي ڪنگز طرفان رضوان الله 3، حسن علي 2 ۽ عباس آفريدي هڪ وڪيٽ ورتي.
ياد رهي ته هي ميچ انتهائي اهم آهي جنهن جا ٻنهي ٽيمن جي مستقبل تي گهرا اثر پوندا.
ٻنهي ٽيمن کي ايونٽ ۾ رهڻ لاءِ فتح لازمي آهي، پر اها ڳالهه به قابل غور آهي ته ٻنهي ٽيمن جي فتح سندن پلے آف اسٽيج ۾ داخلا جي ضمانت نه ٿي ڏئي.
فاتح ٽيم کي لاهور قلندرز ۽ حيدرآباد ڪنگز جي وچ ۾ کيڏي ويندڙ ميچن جي نتيجن جو انتظار ڪرڻو پوندو، جنهن کانپوءِ پلي آف مرحلي جي چوٿين ٽيم جو حتمي فيصلو ڪيو ويندو.


