پاڪستان سپر ليگ (پي ايس ايل) 11 ۾ اسلام آباد يونائيٽيڊ حيدرآباد ڪنگز کي 8 وڪيٽن تان شڪست ڏئي ڇڏي. ڪراچي جي نيشنل اسٽيڊيم ۾ کيڏيل 36هين ميچ ۾ اسلام آباد يونائيٽيڊ 81 رنسن جو هدف ستين اوور ۾ 2 وڪيٽن جي نقصان تي حاصل ڪري ورتو. يونائيٽيڊ طرفان محسن رياض 42 رنسون ٺاهيون. ڊيون ڪنوي 0 جي انفرادي اسڪور تي آئوٽ ٿي ويو، جڏهن ته سمير منهاس 27 ۽ ڪپتان شاداب خان 4 رنسون ٺاهي ناٽ آئوٽ رهيا. حيدرآباد ڪنگز طرفان محمد علي 2 وڪيٽون ورتيون. اسلام آباد يونائيٽيڊ جي دعوت تي پهريان بيٽنگ ڪندي حيدرآباد ڪنگز جي ٽيم 16هين اوور ۾ 80 رنسن تي آئوٽ ٿي وئي. ڪنگز مينز طرفان عثمان خان 25 رنسون ٺاهي ناٽ آئوٽ رهيو. آصف محمود 12، سعيد ايوب 12، عرفان خان 9، ڪپتان مارنس لبوشين 5، گلين ميڪسويل 1، حنين شاهه 1 جڏهن ته معاذ صداقت، حسن خان ۽ محمد علي بنا ڪنهن رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيا. يونائيٽيڊ طرفان رچرڊ گليسن، شاداب خان ۽ عماد وسيم 3-3 وڪيٽون ورتيون. سلمان مرزا 1 رانديگر کي آئوٽ ڪيو.
Source link

پي ايس ايل 11: اسلام آباد يونائيٽڊ حيدرآباد ڪنگز کي 8 وڪيٽن تان شڪست ڏئي ڇڏي
Leave a Comment Leave a Comment

