فيفا ورلڊ ڪپ: ارجنٽائن مصر کي شڪست ڏئي ڪوارٽر فائنل ۾ پهچي ويو

sindhvoice70@gmail.com
1 Min Read



فيفا ورلڊ ڪپ ۾ ارجنٽائن دلچسپ مقابلي کانپوءِ مصر کي 3 گولن تان شڪست ڏئي ڪوارٽر فائنل لاءِ ڪواليفاءِ ڪري ورتو. ائٽلانٽا اسٽيڊيم ۾ کيڏيل ناڪ آئوٽ ميچ ۾ مصر جي ياسر ابراهيم پهرين هاف جي 15هين منٽ ۾ گول ڪري ٽيم کي برتري ڏياري، جيڪا هاف جي پڄاڻي تائين برقرار رهي. 67هين منٽ ۾ مصطفيٰ زيڪو گول ڪري برتري کي ٻيڻو ڪري ڇڏيو. ارجنٽائن جي ڪرسچن روميرو 79 هين منٽ ۾ گول ڪري برتري گهٽائي ۽ ڪپتان ليونل ميسي 83 هين منٽ ۾ ٻيو گول ڪري برتري ختم ڪري ڇڏي. راند جو وقت پورو ٿيڻ کان پوءِ 7 اضافي منٽ ڏنا ويا، جنهن جي ٽئين منٽ ۾ اينزو فرنينڊس فيصلائتي گول ڪري ارجنٽائن جي فتح کي يقيني بڻائي ڇڏيو.



Source link

Share This Article
Leave a Comment