ڪراچي:
عدالت قتل ڪيس ۾ نامزد پوليس اهلڪار فهيم ڪمانڊو جي ضمانت منظور ڪري ورتي.
سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ قتل ڪيس ۾ نامزد وليد احمد عرف فهيم ڪمانڊو جي ضمانت واري درخواست تي ٻڌڻي ٿي، جنهن ۾ عدالت وليد عرف فهيم ڪمانڊو جي ضمانت منظور ڪندي جوابدار کي 5 لک رپين جا مچلڪا جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.
وڪيل موجب جوابدار کي 23 مئي 2022 تي گرفتار ڪيو ويو، جوابدار تي 23 نومبر 2022 تي فرد جرم لاڳو ڪيو ويو، پراسيڪيوشن طرفان 14 شاهدن جي لسٽ پيش ڪئي وئي. ڪيس ۾ هن وقت تائين 4 شاهدن جا بيان رڪارڊ ڪيا ويا آهن.
عدالت رمارڪس ڏيندي چيو ته رڪارڊ مان معلوم ٿئي ٿو ته جوابدارن جي ٽرائل ۾ دير ٿي رهي آهي.
واضح رهي ته جوابدار خلاف سهراب ڳوٺ ٿاڻي ۾ قتل جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. پوليس موجب جوابدار تي 19 ورهين جي فهيم کي قتل ڪرڻ جو الزام آهي، جڏهن ته ڪيس جي مدعي موجب مقتول کي سهراب گوڙ واري علائقي ۾ حنيفي نور خان مسجد ٻاهران ڪڍيو ويو ۽ قتل ڪيو ويو.


