ڪراچي جي سائيٽ ايريا ۾ ٻن ٽرالرن وچ ۾ ٽڪر، هڪ ڇوڪري فوت، 3 ڄڻا زخمي

sindhvoice70@gmail.com
1 Min Read


ڪراچي:

شهر قائد جي سائيٽ ايريا حبيب بئنڪ چورنگي وٽ رڪشا ۾ ٽڪر ٿي پيو، جنهن جي نتيجي ۾ هڪ ڇوڪري فوت ٿي وئي، جڏهن ته ٻن عورتن سميت 3 ڄڻا زخمي ٿي پيا.

ريسڪيو ذريعن موجب حادثي ۾ زخمي ٿيل 10 ورهين جي صبيحه زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي وئي، جڏهن ته زخمين ۾ 30 ورهين جي جميلا، 35 ورهين جو حسين ۽ 16 ورهين جي طيبه شامل آهن، جن کي فوري طور تي طبي امداد لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو.

پوليس موجب حبيب بئنڪ چورنگي پل وٽان هيٺ لهيندي هڪ ٽرالر خراب حالت ۾ روڊ تي بيٺو هو، جڏهن ته پٺيان ايندڙ ٽرالر ان کي ڏسي نه سگهيو.

پوليس جو چوڻ آهي ته اوچتو پويان کان ايندڙ ٽرالر ٽريڪ تبديل ڪري ڇڏيو، جنهن سبب ڀرسان لنگهندڙ رڪشا ٻنهي ٽرالرن وچ ۾ ٽڪرائجي ويو ۽ هي خوفناڪ حادثو پيش آيو.

حادثي بعد پوئتي کان ايندڙ ٽرالر جو ڊرائيور موقعي تان فرار ٿي ويو.

پوليس ٽرالر کي تحويل ۾ وٺي سائيٽ ٿاڻي تي منتقل ڪري ڇڏيو آهي ۽ فرار ٿيل ڊرائيور جي ڳولا شروع ڪري ڇڏي آهي.





Source link

Share This Article
Leave a Comment