نيويارڪ جي ميئر ۽ آسٽريليا جي وزيراعظم صدر ٽرمپ تي حملي جي مذمت ڪئي

sindhvoice70@gmail.com
1 Min Read


نيويارڪ جي ميئر زهران ممداني ۽ آسٽريليا جي وزيراعظم آمريڪي صدر ٽرمپ تي حملي جي مذمت ڪئي آهي.

ميڊيا رپورٽن موجب ظهران ممداني چيو ته سياسي تشدد مڪمل طور تي ناقابل قبول آهي.

هن چيو ته مان خوش آهيان ته صدر ٽرمپ ۽ سندس مهمان وائيٽ هائوس جي پريس ڊنر حملي ۾ محفوظ رهيا.

آسٽريلوي وزيراعظم اهو به چيو ته کيس خوشي آهي ته وائيٽ هائوس جي پريس ڊنر ۾ صدر ٽرمپ ۽ خاتون اول سميت سمورا شرڪت ڪندڙ محفوظ آهن.

هن چيو ته هو سيڪيورٽي سروس ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي بروقت ڪارروائي کي ساراهي ٿو.





Source link

Share This Article
Leave a Comment