واشنگٽن:
آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ايران خلاف سخت موقف اختيار ڪندي خبردار ڪيو آهي ته جيڪڏهن تهران معاهدي جي رستي تي عمل نه ڪيو ته ايندڙ هفتي ايران جي اهم توانائي مرڪزن ۽ پلن کي نشانو بڻايو ويندو.
هڪ ٽي وي انٽرويو ۾ ڊونلڊ ٽرمپ چيو ته ايران خلاف آمريڪي ڪارروايون ان وقت تائين جاري رهنديون جيستائين هو پاڻ انهن کي روڪڻ جو فيصلو نه ڪندو.
سندس چوڻ هو ته آمريڪا اڱاري ڏينهن ايران سان رابطو ڪري ان کي ڳالهين ذريعي مسئلو حل ڪرڻ جو موقعو ڏنو پر جيڪڏهن ڪا اڳڀرائي نه ٿي ته حملن جو دائرو وڌايو ويندو.
آمريڪي صدر دعويٰ ڪئي ته ايران جي نازڪ انفراسٽرڪچر جنهن ۾ پاور پلانٽس ۽ پل شامل آهن، کي نشانو بڻائي سگهجي ٿو.
هن چيو ته ايران جي فوجي صلاحيت اڳ ۾ ئي وڏي حد تائين متاثر ٿي چڪي آهي ۽ هاڻي ان وٽ وڌيڪ مزاحمت نه رهي آهي.
ٻئي طرف ٽرمپ آبنائي هرمز مان گذرندڙ جهازن تي ٽول ٽيڪس جي معاملي تي پنهنجي پهرين موقف کان پوئتي هٽندي چيو ته هو نٿو چاهي ته ڪو به ملڪ يا پارٽي آبنائي هرمز تي ٽول وصول ڪري.
هن وڌيڪ چيو ته ناري جا ملڪ ٽول ٽيڪس ادا ڪرڻ بدران آمريڪا ۾ سيڙپڪاري کي ترجيح ڏيندا.


