وزيراعظم شهباز شريف سان نيشنل ڊزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي جي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل انعام حيدر ملڪ ملاقات ڪئي.
وزيراعظم آفيس طرفان جاري بيان موجب وزيراعظم مون سون جي برساتن دوران صوبائي حڪومتن ۽ صوبائي ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽيز سان لاڳاپا وڌيڪ بهتر بڻائڻ جي هدايت ڪئي.
اجلاس ۾ وزيراعظم کي ملڪ ۾ مون سون برساتن دوران ڪنهن به هنگامي صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ تيارين بابت بريفنگ ڏني وئي.
وزيراعظم کي ارلي وارننگ سسٽم کي مڪمل طور تي فعال بڻائڻ تي اڳڀرائي ۽ ان حوالي سان موسمياتي تبديلي واري وزارت سان تعاون بابت پڻ آگاهه ڪيو ويو.


