جرمني ۾ فٽبال اسٽيڊيم جي ٽوائلٽ مان وچين عمر جي شخص جو لاش هٿ اچڻ بعد خوف پکڙجي ويو آهي.
شالڪي جي ويلٽنس ارينا اسٽيڊيم جي هڪ ڪلينر معمول جي صفائي دوران ٽوائلٽ ۾ لاش ڏٺو، جنهن تي فوري طور تي پوليس کي اطلاع ڪيو ويو.
پوليس واقعي واري هنڌ پهچي علائقي کي ڪڙو چاڙهي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي.
جيتوڻيڪ ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته هڪ ڏوهه ڪيو ويو آهي، جرمن پوليس جو چوڻ آهي ته ڄاڻ حاصل ڪئي پئي وڃي ته ڇو ڪنهن کي اهو احساس نه ٿيو ته اهو شخص ٻئي ڏينهن تائين غائب آهي.
واضح رهي ته ڄاڻايل شخص هڪ ڏينهن اڳ اسٽيڊيم ۾ تقريب ۾ موجود هو.


