ڪراچي جي علائقي ڪورنگي ۾ هٿياربندن جو هڪ گروپ سرگرم آهي، ڏينهن جي روشني ۾ هڪ ريسٽورنٽ تي حملو.

sindhvoice70@gmail.com
2 Min Read


ڪراچي:

شهر قائد جي علائقي ڪورنگي ۾ امن امان جي خراب صورتحال دوران هٿياربندن عوامي ڪالوني ۾ واقع هڪ ريسٽورنٽ تي ڏينهن جي روشني ۾ حملو ڪري ڏنو.

4 جوابدارن جي ٽولي بي خوفي سان واردات ڪئي، جنهن جا سي سي ٽي وي فوٽيج به سامهون اچي ويا آهن.

فوٽيج موجب جوابدار جيئن ئي ريسٽورنٽ ۾ داخل ٿيا ته پهريان سيڪيورٽي گارڊ کي قابو ڪري سندس هٿيار کڻي ويا.

بعد ۾ هنن ريسٽورنٽ ۾ موجود شهرين کي يرغمال بڻائي سندن هڪ هڪ ڪري تلاشي ورتي ۽ سندن موبائل فون ۽ نقدي ڦر به ڪئي.

اکين ڏٺن شاهدن موجب واقعي دوران ڌاڙيلن خوف پکيڙڻ لاءِ ننڍن ۽ وڏن هٿيارن سان هوائي فائرنگ پڻ ڪئي.

پوليس موجب جوابدار 50 کان 55 هزار رپيا روڪ رقم ڦر ڪري فرار ٿي ويا.

واقعي جو ڪيس عوامي ڪالوني ٿاڻي ۾ داخل ڪيو ويو آهي، پر ڪيس ۾ دهشتگرديءَ جي خاتمي واري دفعات شامل نه ڪئي وئي، جنهن تي شهرين احتجاج ڪيو آهي.

علائقي واسين جو چوڻ آهي ته ڪورنگي ضلعي ۾ اسٽريٽ ڪرائم جا واقعا خوفناڪ حد تائين وڌي ويا آهن ۽ ڏوهاري عنصر بنا ڪنهن خوف جي سرگرم آهن.

شهرين جو چوڻ آهي ته وارداتن ۾ ملوث ٽولا منهن تي ڪپڙو (ڌاتا) ٻڌي اچي واردات ڪندا آهن، جيڪو ماضيءَ ۾ اندرون سنڌ جي ڪچي آبادي وارن علائقن ۾ سرگرم ڏوهاري ٽولن جو طريقو سمجهيو ويندو هو، پر هاڻي اهو ئي رجحان شهر جي ڀرپاسي وارن علائقن ۾ به ڏسڻ ۾ اچي رهيو آهي.

شهرين سوال اٿاريو آهي ته پوليس پاران عارضي ڪارروايون ۽ پريس ڪانفرنسون ڪيون وينديون آهن پر روز روز ٿيندڙ واقعن جو ازالو ڪڏهن ٿيندو؟

عوامي ڪالوني ۽ آس پاس جي رهواسين مطالبو ڪيو آهي ته ڌاڙن سان لاڳاپيل واقعن ۾ ملوث جوابدارن خلاف فوري ۽ موثر ڪريڪ ڊائون ڪيو وڃي ته جيئن شهري محفوظ محسوس ڪري سگهن.





Source link

Share This Article
Leave a Comment