پاڪستان سپر ليگ (پي ايس ايل) ۾ پهريون ڀيرو پشتو زبان ۾ ڪرڪيٽ ڪمنٽري متعارف ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، جنهن کي ڪرڪيٽ جي مداحن لاءِ هڪ منفرد ۽ خوش آئند قدم قرار ڏنو پيو وڃي. تفصيل موجب پي ايس ايل ۾ پشاور زلمي جي سهڪار سان پشتو ڪمنٽري شروع ڪئي وئي آهي. ان نئين ترقيءَ تحت ايونٽ ۾ زلمي جي باقي ميچن دوران پشتو ٻوليءَ جي تبصري کي ڊجيٽل پليٽ فارم تي نشر ڪيو ويندو، جنهن جو مقصد خيبرپختونخواهه ۽ پشتو ڳالهائيندڙ مداحن کي هڪ ٻئي جي ويجهو آڻڻ آهي. ٻئي طرف پاڪستان سپر ليگ ۾ اهم ميچن جو سلسلو جاري آهي، ڪواليفائر ميچ ۾ سڀاڻي پشاور زلمي جو مقابلو اسلام آباد يونائيٽڊ سان ٿيندو. ميچ ۾ فتح جي صورت ۾ زلمي فائنل ۾ پهچي ويندي، جڏهن ته شڪست جي صورت ۾ ٽيم کي ايليمينيٽر اسٽيج ۾ هڪ ٻيو موقعو ملندو. پي ايس ايل 11 جو فائنل 3 مئي تي قذافي اسٽيڊيم لاهور ۾ کيڏيو ويندو، جتي ٽورنامينٽ جون ٻه بهترين ٽيمون ٽائيٽل لاءِ آمهون سامهون ٿينديون.
Source link

پي ايس ايل ۾ پهريون ڀيرو پشتو ڪمنٽري جي شروعات، پشاور زلمي جي سهڪار سان وڏي پيش رفت
Leave a Comment Leave a Comment

