سنڌ ۾ ٽرانسپورٽ نظام کي جديد بڻائڻ لاءِ حڪومت جو اهم قدم

sindhvoice70@gmail.com
2 Min Read


ڪراچي:

سنڌ حڪومت ٽرانسپورٽ نظام کي جديد بڻائڻ جو اهم فيصلو ڪري ورتو آهي.

صوبي ۾ ٽرانسپورٽ جي نظام کي جديد خطوط تي استوار ڪرڻ لاءِ سنڌ حڪومت هڪ اهم ۽ فيصلائتو قدم کڻندي سڄي صوبي ۾ سمورن روٽ پرمٽس ۽ گاڏين جي فٽنيس سرٽيفڪيٽن کي مڪمل طور تي ڊيجيٽائيز ڪرڻ جو حڪم جاري ڪري ڇڏيو آهي.

ان سلسلي ۾ صوبي ۾ روٽ پرمٽس ۽ فٽنيس سرٽيفڪيٽن جي مڪمل ڊجيٽلائيزيشن جي آخري تاريخ 30 جون 2026 مقرر ڪئي وئي آهي.

ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ موجب ٽرانسپورٽ کاتي ۽ ماس ٽرانزٽ سنڌ پاران سمورن لاڳاپيل ادارن کي باضابطا هدايتون جاري ڪيون ويون آهن.

هن چيو ته دستاويزن جي تصديق کي آسان ۽ محفوظ بڻائڻ لاءِ ٽرانسپورٽ ريگيوليٽري سسٽم کي مڪمل طور تي خودڪار ۽ ڊجيٽلائيز ڪيو پيو وڃي، جڏهن ته سڄي صوبي ۾ ڪمرشل گاڏين جا سمورا روٽ پرمٽ ۽ فٽنيس سرٽيفڪيٽ ڊجيٽل سسٽم تي منتقل ڪيا پيا وڃن.

هن چيو ته هر گاڏي مالڪ ۽ ٽرانسپورٽر کي تصديقي ۽ آن لائين دستاويز فراهم ڪيا ويندا، جڏهن ته اختيارين کي هدايت ڪئي وئي آهي ته هو پنهنجي دائري ۾ عمل کي فوري طور تي مڪمل ڪن.

ان کان علاوه هدايتون جاري ڪيون ويون آهن ته سمورن ٽرانسپورٽرن کي بروقت آگاهه ڪيو وڃي ته جيئن اهي رجسٽريشن جو عمل شروع ڪري سگهن.

شرجيل انعام ميمڻ موجب فيلڊ آفيسن کي روزانو 1000 داخلائون مڪمل ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي، جڏهن ته سمورا مينوئل روٽ پرمٽ ۽ فٽنيس سرٽيفڪيٽ 30 جون 2026ع کانپوءِ غير موثر تصور ڪيا ويندا.

هن چيو ته مقرر تاريخ کان پوءِ ڊجيٽل دستاويز ئي قابل قبول هوندا ۽ خلاف ورزي ڪندڙ گاڏين خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي.

سينيئر صوبائي وزير وڌيڪ چيو ته سنڌ حڪومت ٽرانسپورٽ جي شعبي ۾ جديد ٽيڪنالاجي جي استعمال کي فروغ ڏئي رهي آهي. هي ڊجيٽلائيزيشن پڻ شهرين ۽ ٽرانسپورٽرن لاءِ سهولت پيدا ڪندي ۽ جعلسازي جي حوصلا افزائي ڪندي.





Source link

Share This Article
Leave a Comment