لاهور:
مبينا ڪرپشن ريفرنس ۾ عدالت وزيراعظم شهباز شريف جي ڌيءُ ۽ ناٺي کي 7 مئي تائين گرفتار نه ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.
وزيراعظم شهباز شريف جي ڌيءَ رابعه عمران ۽ ناٺي عمران يوسف پنجاب پاور ڊولپمينٽ ڪمپني ۾ مبينا ڪرپشن ريفرنس ۾ ايف آءِ اي جي اسپيشل سينٽرل ڪورٽ ۾ عبوري ضمانت جي درخواست داخل ڪري ڇڏي.
عدالت درخواستون ٻڌڻ بعد رابعه عمران ۽ عمران يوسف جي عبوري ضمانت منظور ڪندي کين 7 مئي تائين گرفتاري کان روڪي ڇڏيو.
اسپيشل سينٽرل ڪورٽ جي جج اشفاق احمد عبوري ضمانت جي ٻڌڻي ڪئي، جنهن دوران رابعه عمران ۽ عمران يوسف عدالت ۾ پيش ٿيا، جن کي به طلب ڪيو ويو.
ياد رهي ته نيب پنجاب پاور ڊولپمينٽ ڪمپني ۾ مبينا ڪرپشن جي الزام ۾ جوابدارن خلاف ريفرنس داخل ڪيو هو، جنهن ۾ وزيراعظم جي ڌيءُ ۽ ناٺي کي اشتهاري قرار ڏنو ويو هو. بعد ۾ نيب ترميم کانپوءِ هي ريفرنس ايف آءِ اي عدالت ڏانهن منتقل ڪيو ويو.
ريفرنس ۾ پنجاب پاور ڪمپني جو اڳوڻو سي ايف او اڪرام نويد اڳ ئي پلي بارگين ۾ داخل ٿي چڪو آهي.


