واشنگٽن: آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ جاري ڇڪتاڻ دوران امڪاني ڳالهين جي حوالي سان نيون اڳڀرائيون سامهون آيون آهن.
وائيٽ هائوس تصديق ڪئي آهي ته صدر ڊونلڊ ٽرمپ ۽ سندس قومي سلامتي ٽيم ايران جي هڪ نئين تجويز تي غور ڪيو آهي، جنهن جو مقصد جنگ ختم ڪرڻ ۽ خطي ۾ ڇڪتاڻ گهٽائڻ آهي.
ميڊيا رپورٽن موجب ايران جي تجويز ۾ آبنائے هرمز کي ٻيهر کولڻ جي آڇ شامل آهي، بشرطيڪ جنگ ختم ٿي وڃي، جڏهن ته ايران جي ايٽمي پروگرام تي ڳالهيون دير واري مرحلي تائين ملتوي ڪيون ويون آهن. بهرحال، ٻنهي ملڪن طرفان هن تجويز جي مڪمل تفصيل ظاهر نه ڪئي وئي آهي.
آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ سوشل ميڊيا تي پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته ايران آمريڪا کي آگاهه ڪيو آهي ته هو سخت دٻاءُ ۾ آهي ۽ هو جلد کان جلد آبنائي هرمز کي کولڻ چاهي ٿو. ٽرمپ ظاهر ڪيو ته هو مڪمل طور تي هن آڇ سان مطمئن نه هو.
ٻئي طرف آمريڪي پرڏيهي وزير مارڪو روبيو ايران جي آڇ کي ماضي جي ڀيٽ ۾ بهتر قرار ڏنو پر هن واضح ڪيو ته ڪنهن به حتمي ڊيل سان ان ڳالهه کي يقيني بڻايو ويندو ته ايران ايٽمي هٿيار حاصل نه ڪري سگهي. ايران بار بار ايٽمي هٿيارن کي ترقي ڪرڻ جي ڪنهن به عزائم کي رد ڪري چڪو آهي.
رپورٽن مطابق ايران تجويز ڪيل تجويزن تي سپريم ليڊر سان صلاح ڪرڻ لاءِ ڪجهه ڏينهن جو وقت گهريو ۽ آمريڪي اخبار موجب ايران ثالثن کي چيو ته سپريم ليڊر سان مشاورت لاءِ ڪجهه ڏينهن گهرجن.
ان دوران آمريڪي اخبار وال اسٽريٽ جرنل ٻڌايو آهي ته صدر ٽرمپ پنهنجي صلاحڪارن کي هدايت ڪئي آهي ته هو ايران تي معاشي دٻاءُ وڌائڻ لاءِ ايراني بندرگاهن جي ڊگهي بندش جي تياري ڪن ته جيئن تهران کي يورينيم جي افزودگي روڪڻ تي مجبور ڪيو وڃي.
ايراني فوج جو چوڻ آهي ته ملڪ اڃا جنگ جي حالت ۾ آهي ۽ دشمن جي ڪنهن به نئين ڪارروائي جو ڀرپور جواب ڏنو ويندو. ماهرن موجب موجوده صورتحال ۾ ڳالهين جو عمل پيچيده مرحلي ۾ داخل ٿي چڪو آهي ۽ ڪنهن حتمي معاهدي تي پهچڻ ۾ وقت لڳي سگهي ٿو.


