سون جي اگهه ۾ مسلسل ٻئي ڏينهن به گهٽتائي، في تولو ڪيترو ٿي ويو؟

sindhvoice70@gmail.com
1 Min Read



عالمي بلين مارڪيٽ ۾ سون جو في اونس اگهه وڌيڪ 55 ڊالرن جي گهٽتائي سان 4 هزار 572 ڊالر جي سطح تي پهچي ويو. عالمي مارڪيٽ ۾ سون جو في تولو اگهه 5 هزار 500 رپين جي گهٽتائي سان 4 لک 79 هزار 562 رپيا ۽ في 10 گرام سون جو اگهه 4 هزار 715 رپيا گهٽتائي سان 4 لک 11 هزار 147 رپيا ٿي ويو. اهڙي طرح عالمي مارڪيٽ ۾ چاندي جو في اونس اگهه 45 سينٽ جي گهٽتائي سان 72 ڊالر 82 سينٽ ۾ طئي ٿيو. چاندي جي قيمت ۾ گهٽتائي سبب في تولو چاندي جو اگهه 55 رپيا گهٽجي 7 هزار 766 رپيا ۽ چاندي جو في 10 گرام اگهه 38 رپيا گهٽجي 6 هزار 658 رپيا ٿي ويو.



Source link

Share This Article
Leave a Comment