آمريڪا جو خاص تعلق اسرائيل سان آهي، برطانيه سان نه، برطانوي سفير جو آڊيو ليڪ ٿي ويو

sindhvoice70@gmail.com
2 Min Read


آمريڪا ۾ برطانوي سفير سر ڪرسچن ٽرنر ليڪ ٿيل آڊيو ۾ چيو آهي ته موجوده عالمي صورتحال ۾ آمريڪا جا خاص لاڳاپا هاڻي برطانيه سان نه پر رڳو اسرائيل سان آهن.

برطانوي اخبار فنانشل ٽائمز جي رپورٽ موجب سفير اعتراف ڪيو ته آمريڪا ۽ برطانيا وچ ۾ دفاعي، معيشت ۽ سيڪيورٽي جي شعبن ۾ اڃا ويجها تعاون موجود آهي پر اهو لاڳاپو ماضي جهڙو نه رهيو آهي ۽ عالمي صورتحال موجب تيزي سان تبديل ٿي رهيو آهي.

سر ڪرسچن ٽرنر چيو ته يورپ کي هاڻي پنهنجي سلامتي لاءِ آمريڪا تي مڪمل انحصار نه ڪرڻ گهرجي پر نئين حڪمت عملي اختيار ڪرڻ گهرجي.

هن چيو ته مغربي اتحادين کي پنهنجي گڏيل لاڳاپن ۽ ذميوارين جو ٻيهر جائزو وٺڻ جي ضرورت آهي.

هن وڌيڪ چيو ته موجوده دور ۾ آمريڪا جا سڀ کان وڌيڪ مضبوط ۽ اهم لاڳاپا اسرائيل سان نظر اچن ٿا، جيڪو خطي جي بدلجندڙ سياسي صورتحال جي عڪاسي ڪري ٿو.

ٻئي طرف برطانوي پرڏيهي آفيس ان بيان تي لاتعلقي جو اظهار ڪندي چيو آهي ته اها سفير جي ذاتي راءِ آهي ۽ ان کي برطانيا جي سرڪاري پاليسي نه سمجهيو وڃي.

ماهرن موجب اهو بيان اهڙي وقت سامهون آيو آهي جڏهن عالمي سياست ۾ تيزيءَ سان تبديليون اچي رهيون آهن ۽ مغربي اتحاد جي مستقبل تي سوال اٿاريا پيا وڃن.





Source link

Share This Article
Leave a Comment