ڪراچي:
ڪراچي پوليس چيف آزاد خان شهري پاران ڏنل لکت واري شڪايت جو نوٽيس وٺندي ايس ايس پي ايسٽ جي سربراهي ۾ 3 رڪني ڪميٽي جوڙي ڇڏي آهي.
شهري مرزا غضنفر بيگ پاران ڪراچي پوليس چيف کي موڪليل درخواست ۾ گلشن اقبال پوليس اسٽيشن ڪيس نمبر 235 2026 جي سيڪشن 489 ايف تحت جاچ ۾ عدم اطمينان جو اظهار ڪندي ڪيس جي جاچ ٻئي ضلعي منتقل ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي.
جڏهن ته درخواستگذار موقف اختيار ڪيو آهي ته منهنجي ڌيءَ جو لاڳاپو ختم ٿيڻ بعد اڳوڻو منگيتر کيس بليڪ ميل ڪري رهيو آهي، ان حوالي سان فيروز آباد ٿاڻي تي ڪيس نمبر 238 سال 2026 داخل ڪيو ويو پر ڪا به اڳڀرائي نه ٿي سگهي.
بعد ۾ اڳوڻي منگيتر ۽ جاچ آفيسر ملي ڀڳت ڪري منهنجي ڌيءَ کي ڪوڙو ڪيس داخل ڪيو.
درخواستگذار پاران سي سي ٽي وي فوٽيجز ۽ ٻيا دستاويز پڻ فراهم ڪيا ويا آهن، ڪراچي پوليس چيف شهرين جي درخواست جو نوٽيس وٺندي ايس ايس پي ضلعي اوڀر زبير نذير شيخ جي سربراهي ۾ جاچ ٽيم جوڙي ڇڏي آهي.
انڪوائري ٽيم ۾ ايس پي انويسٽيگيشن ون ايسٽ ۽ ايس پي گلشن اقبال ڊويزن شامل آهن.
ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي ڪميٽي کي پابند ڪيو ته هو پوليس جي ڪردار ۽ ٻين سمورن حقيقتن جو جائزو وٺي غيرجانبدارانه جاچ ڪري 3 ڏينهن اندر رپورٽ پيش ڪري.


