ODI عورتن جي انٽرنيشنل؛ پاڪستان زمبابوي کي وائيٽ واش ڪري سيريز کٽي ورتي

sindhvoice70@gmail.com
3 Min Read



پاڪستان زمبابوي کي ٽئين ميچ ۾ 9 وڪيٽن تان شڪست ڏئي وومينز ون ڊي انٽرنيشنل سيريز 0-3 تان پنهنجي نالي ڪري ورتي. قائم مقام گل فيروز لڳاتار ٻئي ميچ ۾ سينچري اسڪور ڪئي. زمبابوي جي 9 وڪيٽن جي نقصان تي 222 رنسن جي جواب ۾ پاڪستان 31.5 اوورن ۾ هڪ وڪيٽ جي نقصان تي هدف حاصل ڪري ورتو. پاڪستان پهرين ون ڊي 168 رنسن ۽ ٻي ون ڊي 206 رنسن تان کٽي ورتي. تفصيل موجب ڇنڇر تي نيشنل بئنڪ اسٽيڊيم ڪراچي ۾ کيڏيل ٽين وومين ون ڊي انٽرنيشنل ميچ ۾ زمبابوي ٽاس کٽي پهريان بيٽنگ ڪندي مقرر 50 اوورن ۾ 9 وڪيٽن جي نقصان تي 222 رنسون ٺاهيون. جڏهن ته سيده عروب شاهه 2 ۽ عائشه ظفر 2 وڪيٽون ورتيون. مومنه رياست جي حصي ۾ هڪ وڪيٽ آئي، پاڪستان پنهنجي اننگز جي شروعات هڪ ڀيرو ٻيهر شاندار انداز ۾ ڪئي، اوپنر گل فيروز ۽ صدف شمس پهرين وڪيٽ تي 220 رنسن جي سٺي پارٽنرشپ قائم ڪئي، 31.3 اوورن ۾ اها پارٽنرشپ ٽٽي وئي جڏهن صدف شمس آئوٽ ٿي ويو. گل فيروز 92 بالن تي 16 چوڪن جي مدد سان 106 رنسون ٺاهي ناٽ آئوٽ رهي جڏهن ته منيبا علي 4 رنسون ٺاهي ناٽ آئوٽ رهي، گل فيروز وومينز ون ڊي انٽرنيشنل ۾ پاڪستان طرفان تيز ترين سينچري جو رڪارڊ به قائم ڪيو. پاڪستان طرفان ميچ ۾ ٻه تبديليون ڪيون ويون، ڪپتان فاطمه ثناءَ ۽ سدرا امين کي آرام ڏنو ويو ۽ ان جي جاءِ تي منيبا علي ۽ نتاليا پرويز کي پلیئنگ اليون ۾ شامل ڪيو ويو. منيبا علي پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳواڻي به ڪئي. ياد رهي ته پهرين ون ڊي ۾ گل فيروز 50، صدف شمس 98، ٻئي ون ڊي ۾ گل فيروز 100 ۽ صدف شمس 101 رنسون ٺاهيون، جڏهن ته ٽئين ون ڊي ۾ گل فيروز 106 ۽ صدف شمس 90 رنسون ٺاهيون. ۽ پليئر آف دي ٽورنامينٽ جو ايوارڊ پڻ حاصل ڪيو. آءِ سي سي وومينز ون ڊي چيمپيئن شپ رينڪنگ ۾ پاڪستان ٻئي نمبر تي اچي ويو ۽ ٽيم جي مينٽر ۽ هيڊ ڪوچ پاڪستان وومين ڪرڪيٽ ٽيم جي فتح جو ڪريڊٽ هٿياربند فوج کي ڏنو.



Source link

Share This Article
Leave a Comment