نيوزيلينڊ ۾ 51 نمازين جي قاتل کي وڏو جھٽڪو، سزا خلاف اپيل رد

sindhvoice70@gmail.com
2 Min Read


نيوزيلينڊ جي عدالت 2019ع ۾ ڪرائسٽ چرچ جي ٻن مسجدن تي حملو ڪري 51 نمازين کي قتل ڪندڙ آسٽريلوي انتهاپسند برينٽن ٽيرنٽ جي سزا خلاف اپيل رد ڪري ڇڏي آهي.

عدالت پنهنجي فيصلي ۾ چيو آهي ته مجرم طرفان سزا ختم ڪرڻ جي ڪوشش بي بنياد آهي ۽ ان ۾ ڪو به قانوني وزن ناهي. عدالت واضح ڪيو ته جوابدار پنهنجي مرضي سان ڏوهه قبول ڪيو آهي، مٿس ڪو به دٻاءُ ناهي.

ياد رهي ته 15 مارچ 2019 تي ڪرائسٽ چرچ جي ٻن مسجدن النور مسجد ۽ لن ووڊ اسلامڪ سينٽر ۾ فائرنگ جي ان خوفناڪ واقعي ۾ عورتن، ٻارن ۽ بزرگن سميت 51 ڄڻا شهيد ٿي ويا هئا. ان کي نيوزيلينڊ جي تاريخ جو بدترين دهشتگرد حملو قرار ڏنو پيو وڃي.

ملزم کي آگسٽ 2020 ۾ عمر قيد جي سزا ٻڌائي وئي، جنهن ۾ پيرول جو ڪو به امڪان ناهي. هن تازو اپيل ۾ دليل ڏنو هو ته ٽرائل دوران نظربندي جون حالتون غير انساني هيون، کيس نااهل قرار ڏنو ويو، پر عدالت ان دليل کي رد ڪري ڇڏيو.

پنهنجي فيصلي ۾ عدالت چيو ته ثبوتن مان ثابت ٿيو ته جوابدار ذهني طور تي مستحڪم هو ۽ سندس بيانن ۾ تضاد مليا، جڏهن ته ماهرن ۽ جيل اختيارين جون رپورٽون به سندس دعويٰ جي ترديد ڪن ٿيون.

مقتولن جي خاندانن ۽ بچيلن جي وڪيلن عدالتي فيصلي کي وڏو راحت قرار ڏيندي چيو ته ان فيصلي سان کين ٻيهر مقدمي جي ذهني صدمي کان نجات ملي آهي.





Source link

Share This Article
Leave a Comment