پاڪستان ۽ آسٽريليا وچ ۾ متوقع ون ڊي سيريز جي عارضي شيڊول جا تفصيل پڌرا ڪيا ويا آهن جنهن موجب آسٽريلوي ٽيم هلندڙ سال مئي جي آخر ۾ پاڪستان جو دورو ڪندي. ميڊيا رپورٽن موجب 30 مئي کان 5 جون تائين 3 ون ڊي ميچن تي ٻڌل سيريز کيڏڻ جو امڪان آهي، جڏهن ته ميچون لاهور ۽ راولپنڊي ۾ کيڏيون وينديون. ذريعن جو چوڻ آهي ته هي سيريز پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ ۽ ڪرڪيٽ آسٽريليا وچ ۾ گڏيل معاهدي جو حصو آهي جنهن تحت آسٽريلوي ٽيم ان کان اڳ پاڪستان جو دورو ڪري چڪي آهي. رپورٽن مطابق سيريز کانپوءِ آسٽريلوي ٽيم بنگلاديش رواني ٿيندي جتي هو وڌيڪ ون ڊي ميچون کيڏندي جڏهن ته ٻنهي بورڊن وچ ۾ شيڊول کي حتمي شڪل ڏني پئي وڃي. سيريز کي ٻنهي ٽيمن لاءِ اهم سمجهيو پيو وڃي ڇو ته ان سان رانديگرن کي عالمي ڪرڪيٽ لاءِ پنهنجي تيارين کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ جو موقعو ملندو.
Source link

پاڪستان ۽ آسٽريليا وچ ۾ ون ڊي سيريز جو شيڊول پڌرو ڪيو ويو آهي
Leave a Comment Leave a Comment

