”سزا ڏيو يا عزت بحال ڪريو“، شلپا شيٽي جي مڙس راجڪندرا جو فحش ڪيس تي جذباتي بيان

sindhvoice70@gmail.com
2 Min Read



بالي ووڊ اداڪارا شلپا شيٽي جي مڙس مشهور ڀارتي بزنس مين ۽ اداڪار راج ڪندرا چئن سالن کان هلندڙ مبينا فحش ڪيس تي خاموشي ٽوڙيندي جذباتي اپيل ڪئي آهي. راجڪندرا پنهنجي تازي بيان ۾ چيو آهي ته جيڪڏهن هو واقعي ڏوهي آهن ته عدالت کين قانون موجب سزا ڏئي، پر جيڪڏهن مٿن الزام ثابت نه ٿيا ته کين باعزت بري ڪري سندن آزادي ۽ وقار بحال ڪيو وڃي. هن چيو ته ڪيس گذريل چئن سالن کان هيٺئين عدالت ۾ هلندڙ آهي، هاڻي سندس وڪيل پنهنجا دليل مڪمل ڪري چڪا آهن. راجڪندرا جي مطابق، مسلسل دير سان هن جي زندگي کي سنجيده متاثر ڪيو آهي. هن چيو ته ميڊيا ٽرائل سان سندس عزت کي ناقابل تلافي نقصان پهتو، انصاف ۾ دير اصل ۾ انصاف کان محرومي جي مترادف آهي. واضح رهي ته راجڪندرا کي جولاءِ 2021 ۾ ممبئي جي ڪرائم برانچ پاران مبينا طور تي فحش مواد تيار ڪرڻ ۽ ورهائڻ جي سنگين الزامن ۾ گرفتار ڪيو ويو هو. پوليس کيس ان مبينا نيٽ ورڪ جو مکيه ڪردار قرار ڏنو هو. جڏهن ته گرفتاري کانپوءِ هن تقريباً ٻه مهينا جيل ۾ گذاريا، جنهن بعد کيس ضمانت تي آزاد ڪيو ويو. اهو ڪيس ڀارتي شوبز ۽ ڪاروباري دنيا جو سڀ کان وڌيڪ تڪراري ڪيس آهي، جڏهن ته راجڪندرا جو تازو بيان هڪ ڀيرو ٻيهر سرخين ۾ اچي ويو آهي. سڀني جون نظرون هاڻي عدالت جي ايندڙ فيصلي تي آهن، جيڪو سندن مستقبل ۽ شهرت لاءِ اهم ثابت ٿي سگهي ٿو.



Source link

Share This Article
Leave a Comment