پاڪستان تحريڪ انصاف ۾ اندروني اختلاف شدت اختيار ڪري ويا آهن، جڏهن ته سيڪريٽري جنرل سلمان اڪرم راجا ۽ ايڊيشنل سيڪريٽري جنرل فردوس شميم نقوي وچ ۾ سخت جملن جي ڏي وٺ جون خبرون سامهون آيون آهن.
پارٽي ذريعن موجب گذريل رات ڪور ڪميٽي گروپ ۾ تنظيمي معاملن تي ٻنهي اڳواڻن وچ ۾ ڳالهه ٻولهه تلخ کلامي ۽ مبينا طور تي گالي گلوچ تائين پهچي وئي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته اهڙي صورتحال کانپوءِ سلمان اڪرم راجا ڪور ڪميٽي گروپ ڇڏي ڏنو، جڏهن ته پارٽي تنظيمي معاملن تي اختلافن سبب تڪرار پيدا ٿيو.
واقعي سان پارٽي اندر وڌيڪ ڇڪتاڻ پيدا ٿي وئي آهي، جڏهن ته ان معاملي تي قيادت طرفان اڃا تائين ڪو به باضابطا موقف جاري ناهي ڪيو ويو.


