آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ آمريڪي ڪانگريس کي خط لکي دعويٰ ڪئي آهي ته ايران سان جاري هٿياربند تڪرار هاڻي ختم ٿي چڪو آهي پر تڪرار مڪمل طور حل ناهي ٿيو. صدر ٽرمپ ڪانگريس جي اسپيڪر مائيڪ جانسن ۽ سينيٽ جي صدر چڪ گراسلي کي خط موڪليو، جنهن ۾ هن زور ڏنو ته ڇڪتاڻ جو مرحلو جيڪو 28 فيبروري تي شروع ٿيو هو هاڻي ختم ٿي چڪو آهي. خط ۾ ٽرمپ لکيو ته سندس انتظاميه خطي ۾ پائيدار امن قائم ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي پر اڃا به جنگ جاري رهڻ جو امڪان آهي. هن اهو به اعتراف ڪيو ته ايران سان تڪرار مڪمل طور تي حل نه ٿيو آهي ۽ صورتحال اڃا تائين غير يقيني آهي. ٻئي طرف ماهرن جو چوڻ آهي ته اهڙو موقف اختيار ڪندي ٽرمپ انتظاميه شايد آئيني تقاضا کان پاسو ڪندي ڪانگريس کان جنگ جي باضابطه اجازت وٺڻ چاهي ٿي جيتوڻيڪ خطي ۾ آمريڪي فوجن جي موجودگي برقرار آهي.
Source link

ايران سان هٿياربند ڇڪتاڻ ختم، تڪرار مڪمل طور تي حل نه ٿيو؛ صدر ٽرمپ جي دعويٰ
Leave a Comment Leave a Comment

