عالمي جرنل ايشيا ٽائمز جي تازي رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان سان بهتر لاڳاپن کانپوءِ آمريڪا لاءِ ڀارت تي اعتماد ڪرڻ مشڪل ٿي رهيو آهي.
رپورٽ موجب ايران ۽ آمريڪا وچ ۾ تازي ڇڪتاڻ دوران پاڪستان اهم سفارتي ڪردار ادا ڪيو ۽ ٻنهي ملڪن وچ ۾ ڳالهين کي اڳتي وڌائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. ان جي برعڪس، هندستان جي سفارتڪاري کي ان معاملي تي غير فعال ۽ خاموش قرار ڏنو ويو.
جرنل موجب ڀارتي وزيراعظم مودي آمريڪي صدر ٽرمپ سان گهڻيون ڳالهيون تيل ۽ سپلائي سسٽم تائين محدود رکيو جڏهن ته پاڪستان خطي ۾ امن ۽ جنگ بندي جي ڪوششن ۾ مصروف آهي.
رپورٽ ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته ايران ۽ آمريڪا وچ ۾ تازي جنگ شروع ٿيڻ کانپوءِ پاڪستان سفارتي لاڳاپن ۾ سرگرم رهيو. پاڪستان جي سياسي ۽ فوجي قيادت ٻنهي ملڪن جي اعليٰ اختيارين سان رابطي ۾ رهي ڳالهين کي ممڪن بڻائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو.
پاڪستان جي انهن ڪوششن کي عالمي سطح تي به ساراهيو ويو. آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ۽ ايران جي صدر مسعود البديشڪيان سميت مختلف عالمي اڳواڻن خطي ۾ امن لاءِ پاڪستان جي ڪردار کي مثبت قرار ڏنو.
ٽرمپ گذريل ڪجهه ڏينهن ۾ ڪيترائي ڀيرا وزيراعظم شهباز شريف ۽ فيلڊ مارشل عاصم منير جي قيادت جي واکاڻ ڪئي آهي.
ٻئي طرف وزيراعظم نريندر مودي کي ڀارت ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻن ۽ ميڊيا طرفان تنقيد جو منهن ڏسڻو پئجي رهيو آهي، جتي سندس پرڏيهي پاليسي کي موجوده صورتحال ۾ غير موثر قرار ڏنو پيو وڃي.
تجزيه نگارن موجب خطي ۾ سفارتي ترجيحن ۽ ڪردار جي تبديليءَ سان عالمي طاقتن جي لاڳاپن تي گهرا اثر پئجي سگهن ٿا ۽ پاڪستان جو وڌندڙ ڪردار مستقبل ۾ وڌيڪ اهم بڻجي سگهي ٿو.


