عراق ۾ بس حادثو ۽ باهه، 21 ڄڻا مارجي ويا

sindhvoice70@gmail.com
1 Min Read


عراق جي ڏاکڻي شهر ناصريه ويجهو مسافر بس الٽڻ ۽ باهه لڳڻ جي نتيجي ۾ گهٽ ۾ گهٽ 21 عراقي مارجي ويا ۽ 19 زخمي ٿي پيا.

ميڊيا رپورٽن موجب مقامي اختيارين جو چوڻ آهي ته حادثو ان وقت پيش آيو جڏهن ناصريه ويجهو هاءِ وي تي بس ڊرائيور ڪنٽرول وڃائي ويٺو، جنهن سبب گاڏي اونڌي ٿي ۽ باهه ۾ سڙي وئي.

عراقي وزير اعظم علي الزيدي حادثي جي سببن جي جاچ جو حڪم ڏنو ۽ اختيارين کي هدايت ڪئي ته هو حادثي جي پسمنظر بابت رپورٽ پيش ڪن.

پوليس ۽ طبي عملدارن جو چوڻ آهي ته واقعي واري هنڌ ۽ اسپتال ۾ 21 ماڻهن جي فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي وئي، جڏهن ته 19 زخمي ٿيا.

ڪيترن ئي زخمين جي حالت نازڪ آهي ۽ سخت سڙي ويا آهن، صحت جي عملدارن چيو.





Source link

Share This Article
Leave a Comment