پيٽرول تي 153 ۽ ڊيزل تي 116 ۽ وڏي ٽيڪس ۽ مارجن جو انڪشاف ٿيو.

sindhvoice70@gmail.com
2 Min Read


ملڪ ۾ پيٽروليم شين تي لاڳو ٽيڪسن ۽ مارجن جا تفصيل پڌرا ڪيا ويا آهن.

هڪ خانگي ٽي وي جي رپورٽ ۾ ذريعن جو حوالو ڏيندي انڪشاف ڪيو ويو آهي ته هڪ ليٽر پيٽرول 153 رپيا 55 پيسا جڏهن ته هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي قيمت 116 رپيا 46 پيسا وصول ڪئي پئي وڃي.

ڊيوٽي کان اڳ پيٽرول جي ايڪس ريفائنري قيمت 246 رپيا 31 پئسا في ليٽر آهي، جڏهن ته مختلف ٽيڪسن ۽ مارجن شامل ڪرڻ کانپوءِ عوام لاءِ پيٽرول جي آخري قيمت 399 رپيا 86 پئسا في ليٽر مقرر ڪئي وئي آهي.

رپورٽ موجب پيٽرول جي قيمت ۾ 23 رپيا 72 پئسا ڪسٽم ڊيوٽي، 7 رپيا 32 پيسا ان لينڊ فريٽ مارجن، مارڪيٽنگ ڪمپنين جو 7 رپيا 87 پيسا مارجن ۽ پمپ ڊيلرز جو 8 رپيا 64 پيسا ڪميشن شامل آهي.

ان کان علاوه هڪ ليٽر پيٽرول جي قيمت ۾ پيٽروليم ليوي 103 رپيا 50 پئسا ۽ 2 رپيا 50 پئسا ڪلائميٽ سپورٽ ليوي شامل آهي، جيڪا حتمي قيمت جو وڏو حصو بڻجي ٿي.

اهڙي طرح هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي اصل ايڪس ريفائنري قيمت 283 رپيا 12 پيسا آهي، جنهن تي سمورا ٽيڪس ۽ منافعو شامل ڪرڻ کانپوءِ شهرين کي اها قيمت 399 رپيا 58 پيسا اچي ٿي.





Source link

Share This Article
Leave a Comment