قومي قرض جا اڳوڻا سمورا رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا، هڪ سال ۾ 7 هزار ارب جو اضافو ٿي ويو

sindhvoice70@gmail.com
1 Min Read


ملڪ جي قرضن جا اڳوڻا سمورا رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا، هڪ سال ۾ قومي خزاني تي 7 هزار ارب رپين جو قرض وڌي ويو آهي.

هڪ خانگي ٽي وي جي رپورٽ موجب وفاقي حڪومت جو مجموعي قرض 81 هزار 930 ارب رپين جي بلند ترين سطح تي پهچي ويو آهي.

ملڪ جي اقتصادي انگن اکرن موجب رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته گذريل هڪ سال دوران وفاقي حڪومت جي قرضن ۾ 6 هزار 994 ارب رپين جو نمايان اضافو رڪارڊ ڪيو ويو آهي. مالياتي ماهر ان صورتحال کي ملڪي معيشت لاءِ هڪ وڏو چئلينج قرار ڏئي رهيا آهن ڇو ته قرضن جو مقدار مسلسل وڌي رهيو آهي.

ان کان علاوه صرف اپريل 2026ع دوران مرڪزي حڪومت جي قرضن ۾ 1406 ارب رپين جو اضافو ٿيو آهي.

معاشي ماهرن جو چوڻ آهي ته حڪومت طرفان پرڏيهي ۽ ملڪي قرضن جي ادائگي ۽ بجيٽ خسارو پورو ڪرڻ لاءِ کنيل هي وڏو قرض ملڪي معيشت تي سخت دٻاءُ وجهي رهيو آهي.





Source link

Share This Article
Leave a Comment