حيدرآباد:
شهر جي علائقي خورشيد ٽائون جي علائقي گهمن آباد ۾ هڪ ايل پي جي سلينڊر جي دڪان کي اوچتو باهه لڳي وئي، جنهن سبب سڄي علائقي ۾ ڏهڪاءُ پکڙجي ويو ۽ شهرين ۾ خوف پکڙجي ويو.
ريسڪيو ذريعن موجب باهه گئس سلينڊر ڦاٽڻ سبب لڳي، جنهن کانپوءِ دڪان ۾ موجود ڪيترائي سلنڈر سڙي رک ٿي ويا.
واقعي جو اطلاع ملندي ئي پوليس ۽ ريسڪيو 1122 جون ٽيمون واقعي واري هنڌ پهچي امدادي ڪارروايون شروع ڪري ڇڏيون.
فائر برگيڊ عملي ڪيترن ئي فائر ٽينڊرن جي مدد سان باهه تي ضابطو آڻڻ جي ڪوشش ڪئي جڏهن ته ڀرپاسي جي دڪانن ۽ گهرن کي محفوظ بڻائڻ لاءِ قدم کنيا ويا ته جيئن باهه وڌيڪ پکڙ نه سگهي.
واقعي جو اطلاع ملندي ئي ايم پي اي ناصر قريشي ۽ ايس ايس پي شاهزيب چاچڙ به واقعي واري هنڌ پهچي امدادي سرگرمين جو جائزو ورتو.
ريسڪيو عملدارن موجب باهه تي گهڻي حد تائين قابو ڪيو ويو آهي، پر کولنگ جو عمل جاري آهي. واقعي ۾ فوري طور تي ڪنهن به جاني نقصان جا اطلاع ناهن مليا، جڏهن ته باهه لڳڻ جو حتمي سبب اڃا تائين معلوم ناهي ٿي سگهيو.
شروعاتي اطلاعن موجب باهه ايل پي جي ڀرڻ جي دڪان ۾ لڳي جنهن سبب ڌماڪي جي شدت وڌي وئي. اختيارين واقعي جي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي.


