وزيراعظم نواز شريف سان جاتي امرا ۾ ملاقات ڪئي، مريم نواز به موجود هئي

sindhvoice70@gmail.com
1 Min Read


مسلم ليگ ن جي قائد ميان محمد نواز شريف سان وزيراعظم شهباز شريف جاتي امرا ۾ ملاقات ڪئي.

وزيراعظم محمد شهباز شريف ميان نواز شريف کي ملڪي صورتحال تي بريفنگ ڏني، وزيراعظم مسلم ليگ ن جي اڳواڻ کي وچ اوڀر جي صورتحال ۽ امن جي قيام لاءِ پاڪستان جي ڪوششن تي به آگاهه ڪيو.

وزيراعظم ميان نواز شريف کي عالمي مارڪيٽ ۾ تيل جي اگهن ۾ واڌ ۽ عوام جي رليف لاءِ حڪومتي قدمن تي به اعتماد ۾ ورتو. ملاقات ۾ ملڪي سياسي صورتحال تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.





Source link

Share This Article
Leave a Comment