ايران ۾ قيد انساني حقن جي سرگرم ڪارڪن ۽ نوبل امن انعام ماڻيندڙ نرگس محمدي کي دل جي تڪليف سبب فوري طور جيل مان اسپتال منتقل ڪيو ويو.
عالمي خابرو اداري موجب اها ڳالهه ان فائونڊيشن طرفان ٻڌائي وئي جنهن سان نرگس محمدي جو تعلق هو. نرگس محمدي ايران جي زنجان جيل ۾ قيد آهي.
بيان ۾ چيو ويو آهي ته نرگس محمدي جي صحت اوچتو ۽ خطرناڪ حد تائين خراب ٿي وئي، جنهن سبب کيس فوري طبي امداد ڏيڻ ضروري آهي.
فائونڊيشن جو چوڻ آهي ته نرگس محمديءَ کي جيل ۾ ٻه دورا ٿيا ۽ کيس دل جو سنگين مسئلو پيدا ٿيو.
جنهن بعد جيل اختيارين کيس ويجهي اسپتال منتقل ڪيو. جڏهن ته سندس علاج جاري آهي، ايراني حڪومت طرفان ڪوبه بيان ناهي آيو.
نرگس محمدي کي مارچ جي آخر ۾ دل جو دورو پيو، سندس وڪيل ٻڌايو. جڏهن وڪيل آيا ته هوءَ ڏاڍي ڪمزور، پيلي چهري واري ۽ هلڻ لاءِ مدد جي گهرج هئي.
فائونڊيشن الزام لڳايو ته نرگس محمدي جي صحت جي نازڪ حالت تقريبن 140 ڏينهن جي ”منظم طبي غفلت“ جو نتيجو آهي، جيڪا سندس گرفتاري (12 ڊسمبر) کان جاري هئي.
بيان ۾ چيو ويو آهي ته جيتوڻيڪ ماهر ڊاڪٽرن جي ٽيم پاران تهران ۾ علاج جي سفارش اڳ ۾ ئي موجود هئي پر ان تي عمل نه ڪيو ويو.
فائونڊيشن جو چوڻ آهي ته اسپتال منتقلي ان وقت ڪئي وئي جڏهن جيل جي ڊاڪٽرن تسليم ڪيو ته جيل ۾ نرگس محمدي جي حالت سنڀالي نٿي سگهي. جنهن بعد کيس فوري طور طبي مرڪز منتقل ڪيو ويو ته جيئن سندس جان بچائي وڃي.
ياد رهي ته ايران جي مشهور انساني حقن جي ڪارڪن نرگس محمدي کي 2023ع ۾ امن جو نوبل انعام ڏنو ويو هو، اهو اعزاز کيس ايران ۾ عورتن جي حقن لاءِ جدوجهد، موت جي سزا خلاف مسلسل آواز اٿارڻ ۽ انساني آزادين کي هٿي وٺرائڻ جي اعتراف ۾ ڏنو ويو هو.
هوءَ ان وقت جيل ۾ هئي، تنهن ڪري هن کي اهو ايوارڊ ذاتي طور تي نه مليو، پر اوسلو ۾ ٿيندڙ تقريب ۾ هن جي خاندان هن جي نمائندگي ڪئي.
نرگس محمدي ڊگهي عرصي کان ايران ۾ انساني حقن جي خلاف ورزين خلاف سرگرم رهي آهي ۽ ڪيترين ئي گرفتارين ۽ قيدين کي منهن ڏئي چڪي آهي، تنهن هوندي به هن پنهنجي جدوجهد جاري رکي آهي.


