اسلام آباد يونائيٽڊ جي ڪپتان شاداب خان چيو آهي ته هو چاهي ٿو ته بابر ٽرافي کٽي ڇو ته هو ڪافي عرصي کان ڪوشش ڪري رهيو آهي پر حيدرآباد ڪنگز جنهن طريقي سان کيڏي رهيو آهي اهو خراب لڳي رهيو آهي.
اهڙن خيالن جو اظهار هن پنهنجي ٽيم اسلام آباد يونائيٽيڊ کي ٻئي ايليمينيٽر ۾ حيدرآباد هٿان 2 رنسن تان شڪست ڏيڻ کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو.
حيدرآباد ڪنگز مين 5 وڪيٽن جي نقصان تي 186 رنسون ٺاهيون، جواب ۾ اسلام آباد يونائيٽيڊ جي ٽيم مقرر اوورن ۾ 7 وڪيٽن جي نقصان تي 184 رنسون ٺاهي سگهي.
فاسٽ بالر حنين شاهه آخري اوور ۾ 6 رنسن جو ڪاميابي سان دفاع ڪري پنهنجي ٽيم کي فائنل ۾ پهچايو، جتي آچر تي ٽرافي لاءِ پشاور زلمي جو مقابلو ٿيندو.
شاداب خان چيو ته حنين شاهه جو مقدر هو ته عزت ملي، ان کي ملي، زخم مان واپس اچڻ ڪو آسان ڪم نه هو، حنين هميشه وڙهندو رهيو، سڄي ليگ ۾ هن غير معمولي بالنگ ڪئي.
واضح رهي ته بابر اعظم لاءِ ڪپتان طور پي ايس ايل ٽرافي کٽڻ جو هي پهريون سونهري موقعو آهي، جڏهن ته پشاور زلمي پهريون ڀيرو سندس قيادت ۾ فائنل ۾ پهتو آهي.
بابر 2022 ۾ زلمي جو حصو بڻيو، ان کان اڳ هن ڪراچي ڪنگز لاءِ کيڏيو ۽ 2020 جي ٽائيٽل کٽڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو، جتي هن 554 رنسون ٺاهيون.
موجوده سيزن ۾ به هو شاندار فارم ۾ آهي ۽ 10 ميچن ۾ 588 رنسون ٺاهي چڪو آهي.


