ڪراچي:
شهر قائد ۾ هاڪس بي روڊ تي ٽريفڪ حادثي جي نتيجي ۾ پيءُ، 2 نوجوان ڇوڪريون ۽ هڪ ڇوڪرو سميت 4 ڄڻا زخمي ٿي پيا.
تفصيل موجب ماڙيپور جي علائقي هاڪس بي روڊ چاولا گودام وٽ اڻڄاتل گاڏي جو ٽڪر جي نتيجي ۾ پيءُ ۽ ٻار سميت 4 ڄڻا زخمي ٿي پيا.
زخمين کي سول اسپتال منتقل ڪيو ويو. ريسڪيو عملدارن موجب زخمين ۾ 26 ورهين جو عبدالسلام پٽ عبدالرشيد، 5 ورهين جو ارسلان پٽ عبدالسلام، 7 ورهين جي علينا ڌي عبدالسلام ۽ عليزا ڌي عبدالسلام شامل آهن.
زخمين کي اسپتال ۾ طبي امداد ڏني پئي وڃي. شروعاتي اطلاعن موجب حادثو تيز رفتار ڪار جو موٽرسائيڪل کي ٽڪر لڳڻ سبب پيش آيو، جنهن بعد ڪار سوار موقعي تان فرار ٿي ويا.


